پير لڪياري جو ميلو

پير لڪياريءَ جو ميلو: هيءُ ميلو تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾، هالاڻي شهر لڳ هر سال لڳندو آهي. شروعات ۾ لڪياري لال جو ٻارهو يا عرس ملهائبو هو، هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ جيئن ”ويساکيءَ جو ميلو“ ختم ٿيڻ کي ويجهو پهتو ته لڪياري لال جي گادي نشين سيد محمد عاقل عرف سوڀاري شاهه هيءُ ميلو ويساکيءَ واري ميلي جي ساڳين تاريخن تي شروع ڪرايو. عوام ۾ اڄ تائين هن ميلي کي ويساکيءَ جو ميلو ئي سڏيو ويندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري ڪڻڪ جي فصل کڻي وڃڻ بعد لڳندو آهي. هي ميلو سنڌ جي وڏن ميلن جهڙوڪ قلندر شهباز، ڀٽائي گهوٽ، جهانيان سائين ۽ راڻي پور جي ميلن جهڙو ٿي ويو آهي. ميلي کان ٻه ٽي مهينا اڳ هڪ وڏي خيرات ٿيندي آهي. ان کان پوءِ هر جمعي تي ملاکڙو ٿيندو آهي. اهو سلسلو ميلي تائين هلندو آهي. هيءُ ميلو گادي ڌڻي، سيد منظور حسين شاهه جي نگرانيءَ ۾ ٿيندو آهي. ميلي جو انتظام شروع ۾ مرحوم وڏيرو ابل خان نانگور ڪندو هو، جنهن سان گڏ محمد پناهه ڦرڙو به معاون هوندو هو. ميلي جو هن وقت سنڀاليندڙ سيد ابرار علي شاهه ۽ سندس مددگار محمد ايوب گاڏهي آهي. شروع ۾ هي ميلو هالاڻي شهر ۾ لڳندو هو. پوءِ ميلو وڌي ويو ته شهر جي ڏکڻ طرف قومي شاهراهه تي مخدوم محمد دائود آگري جي قبرستان لڳ ٿيڻ لڳو. هتي اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ڏاندن جي گوءِ به ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو